قادرپور جي ڳوٺ در محمد چاچڙ واسي نوجوان علي گل چاچڙ سعودي عرب ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ، نوجوان جي وارثن حڪومت کي علي گل جو مڙهه ڏيهه آڻن لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي .
سعودي عرب ۾ پورهيو ڪندڙ ڳوٺ در محمد چاچڙ واسي نوجوان علي گل چاچڙ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو .
علي گل چاچڙ ڪجهه سالن کان روزگار سانگي سعودي عرب ۾ ترسيل هيو، جيڪو ڪالهه ڪم دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو .
فوتي پورهيت جي وارثن وفاقي حڪومت کي علي گل جو مڙهه ڏيهه آڻڻ جي اپيل ڪئي آهي.