وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هميشه ڪشميرين سان گڏ بيٺل هوندو،جيستائين ڪشميرين کي حق خوداراديت نه ٿي ملي، تيستائين خاموش نه ويهنداسين.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪشميرين جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي ٺهراءُ موجب ڪشميرين کي حق ڏنا وڃن.
شهباز شريف چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ فوج مقرر ڪئي آهي.
وزير اعظم چيو ته ڏکيائن باوجود بهادر ڪشميري قربانيون ڏئي پنهنجي جدوجهد جاري رکيو پيا اچن.