پاڪستان

October 27, 2022 1:47 pm

مودي جي والاريل ڪشمير ۾ اڳرائي جي موقعي تي پاڪستان ۾ عوام جي چونڊيل حڪومت نه هئي, اڳوڻي صدر آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته  بدقسمتي جي ڳالهه آهي ، مودي جي والاريل ڪشمير ۾ اڳرائي جي موقعي تي پاڪستان ۾ عوام جي چونڊيل حڪومت نه هئي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ آصف  زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت هجي ها ته صدر، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آرام سان نه ويهن ها.

هن چيو ته اڄ والاريل ڪشمير دنيا جو وڏو جيل نظر اچي ٿو، اسان جي دل والاريل ڪشمير جي مظلوم ماڻهن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ڀارتي ظلم خلاف عالمي سطح تي عام راءِ تيار ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير ۾ ريفرنڊم ڪشمير جو بنيادي انساني ۽ جمهوري حق آهي،انساني آزاديءَ جي ڳالهه ڪندڙ مهذب دنيا کي ڀارتي جبر خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي….

بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير جي جدوجهد ۾ شهيد ٿيلن کي سلام پيش ڪندي چيو ته 27 آڪٽوبر 1947 تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي،عالمي برادري ڪشميرين سان ڪيل واعدي کي پاڙي.

هن چيو ته ڀارت هاڻ والاريل ڪشمير کي وڏو قبرستان بڻائڻ  ۾ لڳو پيو آهي،والاريل ڪشمير ۾ 75 سالن کان ڀارتي ظلم جاري آهي.

وڌيڪ پڙهو: