اهم خبرون

October 27, 2022 1:32 pm

بي اعتمادي جي رٿ کي ناڪام بنائڻ لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين واڌ ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي،آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل نديم انجم

آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل نديم انجم چيو آهي ته بي اعتمادي جي رٿ کي ناڪام بنائڻ لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين واڌ ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، نيوٽرل ۽ جانور انڪري چيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اسان غير قانوني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.اسان اهڙي ڪابه مدد ڪري نٿا سگهون جيڪا آئين جي خلاف هجي،اسان پاڻ کي غير سياسي ۽ نيوٽرل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي،عمران خان کي چيو ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو اٿو، آئين مطابق ڪريو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته ڪنهن کي مير جعفر، ميرصادق چوڻ  جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ بنا ثبوت جي الزامن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي،نيوٽرل ۽ جانور  چوڻ انڪري نه پيو چيو وڃي ته اسان غداري ڪئي آهي.

هن چيو ته منهنجي واضح  پاليسي آهي ته  منهنجي مشهوري  نه ڪئي وڃي،اڄ مان پنهنجي ذات لاءِ نه پر پنهنجي اداري لاءِ آيو آهيان.

ڊي جي آءِ ايس آءِ  چيو ته ڪوڙ سان فتنو ۽ فساد جو خطرو هجي ته سچ جو خاموش رهڻ نٿو سونهين ،مان پنهنجي اداري، جوانن ۽ شهيدن جو دفاع ڪرڻ لاءِ سچ ڳالهائيندس.

هن چيو ته اسان جي شهيدن سان مزاق ڪيو ويو،غير قانوني ڪم کان انڪار فرد واحد  يا صرف آرمي چيف جو فيصلو ناهي، پر پوري اداري جو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم  وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال  مارچ کان اسان تي تمام گهڻو دٻاءَ آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي آئيني ڪردار تائين محدود  رکڻو آهي، جنرل باجوا چاهي ها ته پنهنجا آخري ڇهه ست مهينا آرام سان گذاري سگهيو ٿي، پر جنرل باجوا جو فيصلو ملڪ ۽ اداري جي حق ۾ ڪيو، جنرل باجوا ۽ ان جي ٻارن تي ڪريل تنقيد ڪئي وئي.

هن چيو ته آرمي چيف کي ان جي ملازمت جي مدي ۾ اڻ ڄاڻايل مدي تائين واڌ جي آڇ ڪئي وئي، جيڪڏهن توهان جو سپه سالار غدار  آهي ته ماضي قريب ۾ ان جي واکاڻ ڇو ڪئي وئي،جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ سپه سالار غدار آهي ته ان جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ ڇو گهري پئي،توهان جو سپه سالار غدار آهي ته اڄ به لڪي لڪي ان سان ڇو ملاقاتون ڪريو ٿا.

ڊي جي آءِ ايس آءِ  چيو ته ڄاڻان ٿو ته اوهان مونکي پنهنجي وچ ۾ ڏسي حيران آهيو،پنهنجي ذات لاءِ نه پر اداري لاءِ اوهان جي سامهون آيو آهيان.

هن چيو ته سڄي دنيا ۾ آءِ ايس آءِ پاڪستان جي پهرين  ڊفينس لائين آهي،جڏهن معاملا وڌي وڃن ته سچ جي ڊگهي خاموشي به ٺيڪ ناهي..

ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته لسٻيلي ۾ هن ڌرتيءَ لاءِ اسان جي آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي پر انهن جو به مذاق اڏايو ويو،اداري ڪوبه غير آئيني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته مختلف نالا ڏنا ويا.

هڪ سوال جي جواب ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته ارشد شريف جي حياتيءَ کي پاڪستان ۾ ڪوبه خطرو نه هو،ارشد شريف پرڏيهه مان به اداري سان رابطي ۾ هو،هن دبئي مان واپسيءَ جي خواهش ظاهر ڪئي،دبئي ۾ ويزا ختم ٿيڻ باوجود ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ نه چيو ويو،هن کي ڪينيا وڃڻ جو مشورو ڪنهن ڏنو؟.

هن چيو ته آءِ ايس اي جي نمائندي کي جاچ ڪميشن مان ان ڪري ڌار ڪيو ويو ته جيئن شفاف جاچ ٿئي.

هن چيو ته آرمي چيف ،صدر عارف علوي جي ذريعي عمران خان سان ملاقاتون ملڪ ۾ استحڪام لاءِ ڪيون.

وڌيڪ پڙهو: