اهم خبرون

پاڪستان

October 26, 2022 10:55 pm

ارشد شريف جو موت حادثو نه پر قتل آهي:فيصل واوڊا

ارشد شريف جو موت حادثو نه پر قتل آهي، جنهن جي سازش پاڪستان ۾ تيار ٿي، ارشد شريف کي گاڏي اندر هڪ گولي سيني ۾ ۽ هڪ مٿي ۾ هڻي ماريو ويو، طاقتور شخصيتون قتل جي سازش جو حصو آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، فيصل واوڊا اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ارشد شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان بهتر واسطا هئا، سندس قتل ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو ڪردار ناهي، يقين سان چوان ٿو ته ارشد شريف جي موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ به نه ملندو، سڀ شاهديون مٽايون ويون آهن، جيڪي پاڪستان ٽوڙڻ چاهين ٿا اهي ئي قتل ۾ ملوث آهن، سازش ڪندڙن جا عالمي سطح تي رابطا آهن.

وڌيڪ پڙهو: