اهم خبرون

پاڪستان

October 26, 2022 6:51 pm

فارما ڪمپني بخار جي دوا جي قيمت ۾ 2 رپيا 35 پئسا تي راضي ٿي وئي

دواسازي ڪمپنيون 500 ملي گرام بخار واري دوا جي قيمت 2 رپيا 35 پئسا گھٽائڻ تي راضي ٿي ويون آهن.

اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار دواساز ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بخار واري دوا جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو.

ناڻي واري وزارت موجب دوا ساز ڪمپنيون 500 ملي گرام بخار واري دوا جي قيمت ۾ 2 رپيا 35 پئسا گهٽتائي ڪرڻ تي راضي ٿي ويون آهن.

ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته دوا ساز ڪمپنين سان اتفاق ڪيو ويو آهي ته بخار جي شربت جي قيمت 117.60 رپيا في بوتل هوندي.

ناڻي واري وزارت موجب دوا ساز ڪمپنين بخار جون دوائون تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.

وڌيڪ پڙهو: