سکر جي غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ٻارڙي کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڊاڪٽرن جي ڪم ڇڏ هڙتال يارهين ڏينهن به جاري آهي، ڊاڪٽرن جي هڙتال سبب مريض رُلي ويا، ڪيترن ي مريضن جا آپريشن به نه ٿي سگهيا آهن.
سکر اسپتال جي ٻارن جي علاج واري وارد مان ٻارڙي جي اغوا جو ڪيس ڊاڪٽر خلاف داخل ڪرڻ تان ڊاڪٽرن ۽ عملي جي ڪم ڇڏ هڙتال اڄ ياهرين ڏينهن به جاري آهي، ڊاڪٽرن ۽ عملي ڪيس واپس نه وٺڻ تان اڄ به احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ڊاڪٽرن ۽ عملي جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب مريضن جو علاج نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته ڪيترن مريضن جا آپريشن به ملتوي ڪيا ويا آهن.