سنڌ

October 26, 2022 2:24 pm

سپريم ڪورٽ، ليبر ڪورٽ  کي اسٽيل مل ملازمن جا ڪيس ٽن مھينن اندر اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، ليبر ڪورٽ  کي اسٽيل مل ملازمن جا ڪيس ٽن مھينن اندر اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ ٽه رڪني بينچ اسٽيل ملز جي ملازمن جي پروموشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ليبر ڪورٽ کي ٽن مھينن اندر فيصلو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته مل کي هلائڻ لاءِ هرسال اربين رپين جي سبسڊي ڏني وڃي ٿي،جڏهن ته اسٽيل ملز 2015ع کان مل مڪمل بند آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسٽيل ملز جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي، پهريان حڪومتي ادارا  ويهي ڪري مسئلن کي حل ڪن، ان کانپوءِ ملازمن جو ڪيس ٻڌنداسين.

وڌيڪ پڙهو: