سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ بعد پکڙيل بيمارين تي ضابطو نه آيو، تبديل ٿيل موسم به ٻارڙن جون جانيون ڳڙڪائڻ لڳيون، مختلف بيمارين ۽ ٿڌي وگهي وڌيڪ 5 ڄڻا فوت، تنگواڻي ۽ ٿاڻي بولاخان ۾ مليريا وگهي 2 ڄڻا فوت، پير وسڻ ۾ ٿڌ وگهي نينگر فوت ٿيو، سن ۾ پرائمري استاد گيسٽرو ۽ نصير آباد ۾ پيرسن عورت حياتي وڃائي ويٺي.