سنڌ جـَي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران يارهين ورسي جـَي موقعي تي مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي ڀيٽا پيش،
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جون ملڪ، عوام ۽ آئين توڙي جمهوريت لاءِ ڏنل خدمتون ياد رکيون وينديون،
هن ڏکيائين جو صبر سان مقابلو ڪرڻ ۽ آمريت سان وڙهڻ سيکاريو، بيگم نصرت ڀٽو وڏن سانحن مان گذري پر جمهوري جدوجهد کان پوئتي نه هٽي،
واعدو ڪيون ٿا ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ بيگم نصرت ڀٽو جـِي ٻڌايل واٽ تي هلندي سفر جاري رکنداسين.