اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جون ملڪ، عوام ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون بي مثال آهن، بيگم ڀٽو وقت جي آمرن جو بهادري سان مقابلو ڪيو،
مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي پيغام ۾ آصف زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ مفاهمت جي فلاسافي ڏني،18 هين ترميم بيگم نصرت ڀٽو جي خواب جي تعبير آهي،
پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چيو آهي ته مادرِ جمهوريت اسان کي سيکاريو ته جمهوريت ۽ پاڪستان کان وڌيڪ ڪجهه ناهي،
مادر جمهوريت ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪيو، پارٽي قيادت ۽ جيالا رڳو اڄوڪي ڏهاڙي نه پر کيس روزانو ياد ڪندا آهن، بلاول ڀٽو زرداري بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ پنهنجي ننڍپڻ جي تصوير به شيئر ڪري ڇڏي.