جمهوريت لاءِ ڪٽنب جـِي قرباني ڏيندڙ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جـِي 11 هين ورسي ملهائي پئي وڃي،
پاڪستان جـِي اڳوڻـِي خاتون اول ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جـِي گهرواري بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي قيام لاءِ بي پناهه جدوجهد ڪئي ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون هـُـن پنهنجي زندگي ۾ مڙس جي ڦاهي،
ٻن پٽن ۽ نياڻي جي موت جو صدمو برداشت ڪيو، پيپلزپارٽي پاران ڳڙهي خدابخش ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري قرآن خواني ڪئي وئي.