اهم خبرون

پاڪستان

October 22, 2022 5:34 pm

شهيد ذوالفقار ڀٽو جو ڪيس ڪنهن فوجي عدالت ۾ نه هليو هو:جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آئين تي پهريون حملو هڪ بيورو ڪريٽ غلام محمد ڪيو، ملڪ کي عدليا ۽ ايگزيڪيوٽو جي ضرورت آهي؛

لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جو ڪيس ڪنهن فوجي عدالت ۾ نه هليو هو، ڀٽو کي سزا سول ڪورٽ ڏني هئي،

پاڪستان مان جمهوريت کي ڪڍڻ ملڪ دشمني هوندي، پاڪستان کي عوام ذريعي چونڊيل قيادت جي ضرورت آهي،

سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ پڙهو: