پي ٽي آءِ سان ڳالهين وارين خبرن ۾ صداقت ناهي، مارچ ۽ اپريل ۾ چونڊن بابت بيڪ ڊور رابطن واريون ڳالهيون پروپيگنڊا آهي،
عام چونڊون وقت تي ٿينديون؛ دفاع جي وزير خواجا آصف چيو آهي ته گذريل ڏينهن واري فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي آهي، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت گهڻو وقت هلي نه سگهندي،
موجوده حالتن ۾ غلطيءَ جي گنجائش ناهي، اڃا ته فارن فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان به حقيقتون سامهون اينديون،
ماڻهو ريڊ لائين ناهن هوندا، ادارا ريڊ لائين هوندا آهن.