پاڪستان

October 21, 2022 5:17 pm

پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي ضمانت منظور

اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت اعظم سواتي کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسلام آباد جي عدالت ادارن خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

وڌيڪ پڙهو: