پاڪستان

October 21, 2022 2:28 pm

آرمي چيف 5 هفتن کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 5 هفتن کانپوءِ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته هو ملازمت ۾ واڌ نه ڪندو، هو 5 هفتن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندو.

پنهنجي بيان ۾ جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج هاڻي سياست ۾ ڪردار ادا نه ڪندي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا واضح ڪيو هو ته هو ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: