اهم خبرون

پاڪستان

October 21, 2022 2:12 pm

توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان نااهل قرار

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ فيصلو محفوظ ڪيو.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان هاڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو، عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست نه هو،

عمران خان بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس سيٽ قومي اسيمبلي ۾ آهي. اسيمبلي کي خالي قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان فول پروف سڪيورٽي جي سڏ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن،

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ممڪنه احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا ويا آهن.

اسلام آباد انتظاميا ايس ايس پي جي نگراني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن، جنهن ۾ هڪ ايس ايس پي، 5 ايس پيز، 6 ڊي ايس پيز سميت 1150 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن،

جڏهن ته پوليس سان گڏ ايف سي ۽ رينجرز جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي اليڪشن ڪميشن پهچڻ نه ڏنو ويندو.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري، اسد عمر ۽ ٻيا اليڪشن ڪميشن پهچي ويا،

جنهن تي اليڪشن ڪميشن جو دروازو بند ڪيو ويو، جنهن سبب کين گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيڻو پيو.

وڌيڪ پڙهو: