اسلام آباد هائيڪورٽ پارليامينٽريز تي داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، سعودي واقعي ۾ فواد چوڌري ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي،
چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوھان جي درخواست کانپوءِ رولز ۾ ترميم ٿي چڪي آھي،
ھاڻ ڪو به ميمبر تڪ جي نمائندگي کان محروم نه رھندو، اميد آهي ته رولز ۾ ترميم تي قاعدن جي روح موجب عمل ڪيو ويندو،
سياسي بنيادن تي ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجن.