عمران خان نااهل ٿيندو يا بچي ويندو، اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو اڄ 2 وڳي ٻڌائيندو،
اليڪشن ڪميشن ٻاهران سيڪيورٽي سخت، پوليس ريڊزون ۾ آمد رفت کي محدود ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ۾ به غير ضرري ماڻهن جي آمد کي روڪيو ويو،
هڪ ايس ايس پي، 5 اي ايس پيز سميت پوليس جا يارنهن سئو اهلڪار مقرر، ايف سي ۽ رينجرز به اليڪشن ڪميشن ٻاهران موجود هوندي،
اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو 19 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيو هو.