سنڌ

October 19, 2022 5:50 pm

ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر ۾ پاڻي جي سطح معمول تي اچي وئي

ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر ۾ پاڻي جي سطح معمول تي اچي وئي،

قديمي شھر بوبڪ جو انڊس ھاءِ وي سان زميني رابطو بحال ٿي ويو، زيرو پوائنٽ وٽان ايم اين وي ڊرين کي لڳل گھارا بند ڪرڻ بعد رھواسين جي اچ وڃ شروع ٿي وئي آهي،

ريلوي ٽريڪ مڪمل طور ڪليئر نه ٿيڻ سبب ٽرينن جي اچ وڃ اڃا تائين معطل آهي.

آبپاشي کاتي موجب پاڻيءَ جي سطح گهٽجي 114  آر ايل تائين پهچي وئي آهي.

آبپاشي کاتي پاران آر ڊي 62 بوبڪ بند وٽ اڙل واھه جي  ٽٽل دروازي جو مرمتي ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.

قديمي شھر بوبڪ جو انڊس ھاءِ وي سان زميني رابطو بحال ٿي ويو.

منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ وٽان ايم اين وي ڊرين کي آر ڊي 4 ۽ 10 وٽان لڳل ٻئي گھارا بند ڪيا ويا آهن، جنهن بعد رھواسين جي اچ وڃ شروع ٿي وئي آهي .

باغ يوسف ۾  آر ڊي 14 ۽ آر ڊي 50 بوبڪ بند تي لڳل ڪوڏر ڪٽ بند ڪرڻ وارو ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو آهي.

ريلوي ٽريڪ مڪمل طور ڪليئر نه ٿيڻ سبب علائقي ۾ ٽرينن جي اچ وڃ اڃا تائين معطل آهي.

وڌيڪ پڙهو: