سنڌ آبادگار بورڊ ڪمند جو في مڻ اگهه 400 رپيا مقرر ڪري فوري طور شوگر ملز هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،
آبادگار اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ سنڌ جي آبادگار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،
آبادگارن جو واحد سهارو ڪمند آهي، ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ ۽ شوگر ملز جي بندش تي ڳڻتي آهي.