پاڪستان

October 19, 2022 4:35 pm

ٻوڏ باغ هيڊ شهر کي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

بلوچستان ۾ برسات بعد آيل ٻوڏ باغ هيڊ شهر کي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو،

ٻوڏ جو پاڻي لهڻ بعد گهرن ڏانهن واپس موٽيل شهري ڊٿل گهر ڏسي لڙڪ لاڙي ويٺا،

باغ هيڊ واسين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 300 کان وڌيڪ گهر هيا، هڪ به ناهي بچيو،

ٻوڏ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو، ٿڌ سبب پريشان آهيون.

وڌيڪ پڙهو: