رانديون

October 19, 2022 3:25 pm

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو رد عم سامهون اچي ويو

ايشيا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر جي بيان تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو رد عم سامهون اچي ويو آهي.
ترجمان پاڪستان ڪرڪيٽ بورد جو چوڻ آهي ته صدر اي سي سي جي شاهه جي بيان تي حيرٿ ۽ مايوسي ٿي آهي، اهو بيان اي سي سي بورڊ يا پي سي بي سان صلاح مشورو ڪرڻ بغير ڏنو ويو آهي.
ترجمان پي سي بي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جي شاهه جو پاڪستان مان ايونٽ جي منتقلي جو بيان هڪ طرفو آهي سندس اهو بيان آءِ سي سي ۽ اي سي سي کي تقسيم ڪرڻ جي متارف آهي
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سان بيان سان 2023۾ ڀارت ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ ۽ 2024کان 2031تائين ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي جي ايونٽس ۾ پاڪستان جي شرڪت تي اثر پئجي سگهن ٿا.
پي سي بي مطابق جي شاهه جي صدارت ۾ منعقد ٿيل اي سي سي اجلاس ۾ ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان جي حوالي ڪئي وئي هئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته هن وقت تائين اي سي سي صدر جي بيان تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کان باضابطه ڪابه وضاحت موصول نه ٿي آهي.
واضح رهي ته پي سي بي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل سان اهم ۽ حساس معاملي تي هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست به ڪئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: