رانديون

October 19, 2022 2:13 pm

ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل آسٽريليا جو وڪيٽ ڪيپر زخمي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ ۾ شامل جوش انگلز انجري جو شڪار ٿي ويو.

آسٽريلوي ميڊيا موجب وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوش انگلز جو سڊني گولف ڪورس تي هٿ زخمي ٿي پيو، ڪٽ پئجي ويو ۽ رت وهڻ سبب کيس اسپتال نيو ويو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمين جي نوعيت جي اڃا تصديق نه ٿي آهي ۽ ان جو جائزو ورتو پيو وڃي.

آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي پهرين ميچ کان اڳ فريش ٿيڻ لاءِ گولف ڪورس وڃڻ جو موقعو ڏنو ويو.

آسٽريلوي ميڊيا موجب ميٿيو ويڊ آسٽريليا جو پهريون وڪيٽ ڪيپر آهي ۽ ڇنڇر تي اها ئي ميچ کيڏندو.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ دفاعي چيمپيئن آسٽريليا ڇنڇر تي نيوزيلينڊ سان مقابلو ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: