اهم خبرون

پاڪستان

October 19, 2022 1:55 pm

فيصل واوڊا جي ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ غلط بياني سامهون اچي وئي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ غلط بياني سامهون اچي وئي،

فيصل واوڊا پاران مدي خارج آمريڪي پاسپورٽ ريٽرننگ آفيسر اڳيان پيش ڪرڻ جو انڪشاف،

جسٽس عائشا ملڪ ريمارڪس ڏنا ته جنهن رد ڪيل پاسپورٽ تي توهان ڀاڙيو پيا،

ان جو مدو ختم ٿي چڪو هو، آر او کي ڏيکاريل پاسپورٽ 2015 ۾ ايڪسپائر ٿي چڪو هو،

نئون پاسپورٽ ٺهندو آهي ته پراڻو رد ٿي ويندو آهي،

رد ڪيل پاسپورٽ شهريت ڇڏڻ جو ثبوت ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟،

جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون آيو آهي،

هائيڪورٽ وٽ  تاحيات نااهلي جو اختيار  آهي.

وڌيڪ پڙهو: