ملڪ ۾ اقتدار لاءِ جنگ جاري آهي،
آئيني طريقي سان هٽايل شخص اقتدار لاءِ رياست کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي؛
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي دفاع جي وزير خواجا آصف چيو آهي ته 12 سال اڳ سوات ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو،
سڀني کي ياد هوندو، سوات ۾ لڳل باهه سموري ملڪ کي وڪوڙي سگهي ٿي،
سوا ٽي ڪروڙ پاڪستاني کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن،
کين ڪا به خبر ناهي ته زندگي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.