اهم خبرون

سنڌ

October 19, 2022 1:48 pm

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ بعد پکڙيل گيسٽرو، مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين تي ضابطو نه آيو

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ بعد پکڙيل گيسٽرو، مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين تي ضابطو نه آيو، خانپور ويجهو ٻارڙو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو ۽  ٺارو شاهه ڀرسان هڪ عورت مليريا وگهي حياتي وڃائي ويٺي، ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا.

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ بعد پکڙيل گيسٽرو، مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو  آهي.

خانپور ڀرسان  ڳوٺ رحمت الله پهوڙ جو رهواسي 4 ورهين جو معصوم ٻالڪ محمد عثمان پٽ ظهير علي پهوڙ گيسٽرو وگهي خانپور اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

ڪيترائي مريض گيسٽرو ۽ مليريا جي بيماري ۾ مبتلا هجڻ ڪري کين سرڪاري ۽ خانگي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.

ٺاروشاھه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين  جا هاڃا جاري آهن.

اڄ ڳوٺ بچل عالماڻي واسڻ 38 ورهين جي شاهده زال علي نواز عالماڻي مليريا سبب زندگي جي جنگ هارائي وئي.

وڌيڪ پڙهو: