سنڌ

October 18, 2022 4:20 pm

پي ٽي آءِ سنڌ اين اي 237 ملير تي پيپلزپارٽي جَي عبدالحڪيم بلوچ جـِي ڪاميابيءَ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ سنڌ اين اي 237 ملير تي پيپلزپارٽي جَي عبدالحڪيم بلوچ جـِي ڪاميابيءَ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اين اَي 237 ملير تي ننڍي چونڊ دوران جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪري بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي.

هن چيو ته  اليڪشن ڪميشن کي به شڪايت ڪئي وئي آهي،ڌانڌلي ۽ ٻين شڪايتن تي عدالت شفاف جاچ جو حڪم جاري ڪري.

درخواست ۾ چيو  ويو آهي ته ڌانڌلي بابت اليڪشن ڪميشن کي به شڪايت ڪئي وئي، ڌانڌلي  ۽ ٻين شڪايتن تي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.

پي ٽي آءِ پاران درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، سنڌ حڪومت ۽ عبدالحڪيم کي ڌر بڻايو ويو.

وڌيڪ پڙهو: