سنڌ

October 18, 2022 4:10 pm

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪارساز سانحي جـَي شهيدن کي ڀيٽا پيش

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪارساز سانحي جـَي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد محترمه جَي قافلي تي حملو جمهوريت لاءِ وڏو سانحو هو.

جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته محترمه بينظير ڀٽو تي حملو جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد کي ختم ڪرڻ هو.

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته 18 آڪٽوبر پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ اميد جو ڏهاڙو هو.

هن چيو ته ملڪ ۽ جمهوريت دشمن عنصرن کي اها خوشي برداشت نه ٿي، جانثار پنهنجي حياتي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجـِي قائد کي بچائڻ لاءِ اڳتي نڪتا.

شرجيل ميمڻ چيو ته  18 آڪٽوبر جي شهيدن، غازين ۽ بهادر جيالن کي سلام پيش ڪيون ٿا.

هن چيو ته 18 آڪٽوبر جي شهيدن، غازين ۽ بهادرن کي سلام پيش ڪريون ٿا، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون قربانيون وساري نٿيون سگهجن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ڪريون ٿا،ڪراچي: اڄ به ملڪ دشمن عنصر پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهن.

صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پنهنجون روايتون برقرار رکندي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن خلاف اڳڀرائي جو ڪردار ادا ڪندي.

وڌيڪ پڙهو: