سنڌ

October 18, 2022 4:04 pm

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جـَي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ڇڏي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جـَي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ڇڏي.

آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ ان جي هزارين جيالن جي رت سان جمهوريت قائم آهي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي قائد جي مشن جي پـُورائي لاءِ 73 جَي آئين کي اصل صورت ۾ بحال ڪيو.

آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي عزم ٿي ورجائي ته ڪجهه به ٿي وڃي، جمهوريت تي رهنڊ اچڻ نه ڏني ويندي.

هن چيو ته  18 هين آئيني ترميم ملڪ جي سالميت ۽ بقا جي ضامن آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اڄوڪو ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن پنهجي جدوجهد دوران رت جا درياهه پار ڪيا.

هن چيو ته پ پ جمهوريت جي بحالي ۽مضبوطيءَ لاءِ ڪيترين ئي سازشن کي منهن ڏنو، 18 آڪٽوبر تي 2007 تي شهيد بينظير ڀٽو جي آجيان لاءِ گڏ ٿيل 180 جيالن جو رت وهايو ويو، کين ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

وڌيڪ پڙهو: