سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحت کاتي جي ملازمن پاران رسڪ الائونس ختم ڪرڻ خلاف اسپتالن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن.
پيرا ميڊيڪل عملي جي مرڪزي سڏ تي سکر،خيرپور،نوابشاهه،ٽنڊوالهيار ۾ اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ملازمن ميرپور ساڪرو، دادو، سن، ڪوٽ غلام محمد،قبو سعيد خان، ڪوٽڙي، ڪنري ، ڀان سيد آباد،گولاڙچي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري رسڪ الائونس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.