پاڪستان

October 15, 2022 4:38 pm

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سينيٽر اعظم سواتي کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

تڪراري ٽوئيٽ تي گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سينيٽر اعظم سواتي کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن، تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪري ورتي.

ادارن خلاف تڪراري ٽوئيٽس جي الزام ۾ گرفتار سينيٽر اعظم خان سواتي کي 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد جڊيشل مئجسٽريٽ محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

اعظم سواتي جا وڪيل بابر اعواڻ ۽ علي بخاري عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ عدالتي روم ۾ پنهنجي موڪل سان ملاقات ڪئي.

ان دوران ايف آءِ اي عدالت کي اعظم سواتي جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته هن ڪيس جو فائل ڪٿي آهي؟

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج جي معلوم ڪرڻ تي ايف آءِ اي اهلڪارن فائل جج جي حوالي ڪري ڇڏيو.

اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت کي ٻڌايو ته ٽوئيٽس اعظم سواتي جي تصديق ٿيل اڪائونٽ تان ٿيا آهن، جيڪو پي اي سي اي جي سيڪشن 20 تحت داخل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته تصديق ٿيل اڪائونٽ ۾ انتهائي خراب لفظ استعمال ڪيا ويا جيڪي ثابت ٿي چڪا آهن. رڳو هڪ ٽوئيٽ نه پر سندس اڪائونٽ کان اڳ به اهڙيون ٽوئيٽس ٿي چڪيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اعظم سواتي جو اڪائونٽ ڪافي عرصي کان منظم ٽوئيٽس ڪري رهيو آهي ۽ ان جو رڪارڊ موجود آهي.

 

وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اعظم سواتي جيڪو ٽوئيٽ ڪيو ان کي قبول ڪريون ٿا ، مان ٻڌائيندس ته ٻين ماڻهن ڪنهن بابت ڇا چيو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا موبائيل فون جنهن تان ٽوئيٽ ڪئي وئي هئي، هٿ اچي وئي آهي؟

اعظم سواتي عدالت جي پڇاڻي جي جواب ۾ چيو ته اهو موبائل مون گهر مان اڇلايو هو، ان ۾ منهنجي ڌيءَ جي گهر جون تصويرون آهن.

وڌيڪ پڙهو: