سنڌ

October 15, 2022 4:32 pm

حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا قتل ڪيس جا مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا قتل ڪيس جا مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج سنڌ جي سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪاڪا برادريءَ جي ماڻھن پيادل مارچ ڪري   ڌرڻو هنيو.

مظاهرو ڪندڙن پيادل مارچ گل سينٽر کان اولڊ ڪئمپس ٽو حيدر چوڪ کان ريڊيو چوڪ تائين ڪيو ويو .

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حيدرآباد پوليس بلال ڪاڪا جي قاتلن کي کلي  ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي،هو آزاد گھمي رهيا آهن.

سول سوسائٽي جي نمائندن چيو ته حيدرآباد پوليس جاچ ۾ اڳڀرائي ناھي ڪئي، پوليس سڌي طرح قاتل سان مليل آھي.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ جا نوجوان مايوس آھن، ڌرين کي نيڪالي ڏني وڃي.

وڌيڪ پڙهو: