سنڌ

October 15, 2022 4:27 pm

بني گالا ۾ خوف جي فضا آهي, منظوروساڻ

عمران خان جو لانگ مارچ ٿيندو يا نه، پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظوروساڻ اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته هن ڀيري پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ نه پر صفائي ٿيندي، ٻھارو به گھمي سگھي ٿو.

هن چيو ته عمران خان جي جيڪا ھاڻ پوزيشن آھي اھا نومبر کانپوءِ مڪمل طورتي ڊائون ٿي ويندي.

منظور وساڻ چيو ته آڊيو ليڪ کانپوءِ عمران خان جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون آهن، بني گالا ۾ خوف جي فضا آهي.

هن چيو ته عمران خان کي وفاق ۽ سنڌ جو اقتدار ته پري پر هاڻي ڪي پي ڪي جي به حڪومت نه ملندي،سياسي غلطين سبب عمران خان لاءِ اقتدار جا سمورا دروازا بند ٿي چڪاآهن.

وڌيڪ پڙهو: