سنڌ

October 15, 2022 4:25 pm

ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾  هيل تائين  780 ماڻهو فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا،شرجيل انعام ميمڻ

سڌ سماءُ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾  هيل تائين  780 ماڻهو فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا، متاثرن جي مڪمل بحالي تائين امدادي ڪارروايون جاري رهنديون.

جاري ڪيل بيان ۾  شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٽن بئراجن   ۾  پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو آهي،منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي آمد 29 هزار 500 ڪيوسڪ ٿي وئي آهي.

هن چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 115.8 فوٽ آهي،گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 20 هزار 424 خاندانن کي راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويا.

هن چيو ته هن وقت 2 لک 42 هزار 558 متاثرين امدادي ڪيمپن ۾ موجود آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جو ذخيرو 0.559 ايم اي ايف آهي،منڇر ڍنڍ مان سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڇڏڻ جو سلسلو 37 هزار 810 ڪيوسڪ آهي.

صوبائي وزير چيو ته  گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 20 هزار 424 خاندانن کي راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويا.

هن چيو ته  بدين ۾ 1500 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا،اهڙي طرح دادو ۾ 1913، مٽياري ۾ 1600، ٽنڊي محمد خان ۾ 1123  ۽ جيڪب آباد ۾ 2150 ٿيلها ورهايا ويا، لاڙڪاڻي ۾ 4000، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 739، سکر ۾ 6900 ۽ شڪارپور ۾ 500 خاندانن کي راشن جا ٿيلها ڏنا.

سڌ سماءَ جي وزير چيو ته هيل تائين  16 لک 70 هزار 188 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن،گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ موجب متاثرن ۾ 3200 وڌيڪ خيما ۽ 3000 چوپائي مال جون مڇر دانيون  ورهايون ويون، دادو ۾ هزار، ٽنڊي الهيار ۾ 200، قمبر شهدادڪوٽ ۾ هزار ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هزار خيما ورهايا ويا.

شرجيل ميمڻ چيو ته هن وقت 2 لک 42 هزار 558 متاثرين امدادي ڪيمپن ۾ موجود آهن.امدادي ڪيمپ ۾ متاثرن کي ڏينهن ۾ ٻه ويلا ماني ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

وڌيڪ پڙهو: