سنڌ

October 15, 2022 4:11 pm

بلاول ڀٽو هر جلسي ۾ چوندو هو ته عمران خان ڪٺ پتلي وزيراعظم آهي،وڏي وزير مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 80 سيڪڙو نقصان ٿيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ بابت سڄي دنيا کي آگاهه ڪيو آهي،موسمياتي تبدلين ۾ پاڪستان جو  وڏو نقصان ٿيو،سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 20 لک گهر ڪري تباهه ٿيا آهن.

ڪراچي جي دوري دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو هر جلسي ۾ چوندو هو ته عمران خان ڪٺ پتلي وزيراعظم آهي،عمران خان هاڻي پاڻ به چوي ٿو ته هو ڪٺ پتلي هو.

هن چيو ته وزيراعظم دوران عمران خان ڪڏهن به ڪراچي نه آيو نه وري شهر ۾ هڪ گٽر جو ڍڪ لڳايو،ڪوشش آهي ته متاثر ماڻهن کي جلد کان جلد رليف فراهم ڪريون.

مراد علي شاهه چيو ته فلاحي تنظيمن جا ٿورائتا آهيون، جن ڏکي وقت ۾ مدد ڪئي،گڏيل قومن جي سيڪريٽري چيو ته جيڪڏهن دنيا اک نه کولي ته ٻين جو وارو ايندو.

هن چيو ته تمام جلد ڊائلاسز سينسٽرز فعال ڪيو ويندا،ماڻهو صحت ڪارڊ مان فائدو وٺي رهيا آهن،آءِ ٽي جي شعبي ۾ گهٽ وقت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته اليڪشن کانپوءِ ميرٽ تي نوڪريون ڏينداسين،نوڪريون نه ڪندڙ ڊاڪٽرن کي نوڪرين مان ڪڍيو آهي،سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي.

وڌيڪ پڙهو: