بين الاقوامي

دنيا

October 14, 2022 6:00 pm

ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪانگريس ڪميٽي جي قرارداد جي مذمت

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس ڪميٽي جي قرارداد جي مذمت ڪئي آهي.

هڪ بيان ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوال اٿاريا ۽ چيو ته سليڪٽ ڪميٽي مون کي پهرين شاهدي لاءِ ڇو نه گهرايو؟

هن وڌيڪ سوال ڪيو ته انهن پنهنجي آخري ملاقات لاءِ آخري منٽ تائين انتظار ڇو ڪيو؟

ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو به چوڻ آهي ته سليڪٽ ڪميٽي رڳو ملڪ کي ورهائڻ جو ڪم ڪيو آهي.

واضح رهي ته آمريڪي ڪانگريس ڪميٽي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي طلب ڪرڻ جي قرارداد تي ووٽ ڏنو.

ڪميٽي متفقه طور تي ڊونلڊ ٽرمپ جي 6 جنوري تي حتمي ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي قرارداد جي منظوري ڏني.

ڪميٽي جي ٻڌڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته ٽرمپ ڄاڻي ٿو ته هو اليڪشن هارائڻ وارو هو ۽ جان بوجھ ڪري ڪيپيٽول هيل تي حملو ڪيو.

ٻڌڻي ۾ چيو ويو ته ٽرمپ حملي کي روڪڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري.

اڳوڻي صدر ٽرمپ خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش جو به امڪان آهي.

وڌيڪ پڙهو: