سنڌ

October 14, 2022 5:20 pm

جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان دهشتگرد وقار خشڪ کي گرفتار ڪيو ويو:شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي جي علائقي صدر ۾ چيني ڊاڪٽر جـِي ڪلينڪ تي حملو ڪندڙ دهشتگرد گرفتار،

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان دهشتگرد وقار خشڪ کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي،

جنهن ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي، ڪراچي ۾سي ٽي ڊي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته گرفتار دهشتگرد جو واسطو اصغر شاهه گروپ سان آهي،

جنهن کي ذوالفقار خاصخيلي ٽارگيٽ ڏنو هو، هٿ ٺوڪين ايجنسين لاءِ پيغام آهي ته اهي ملڪ دشمن عنصرن هٿان استعمال نه ٿين، ٻي صورت ۾ سندن حشر خراب ٿيندو،

سي ٽي ڊي عملدارن موجب دهشتگرد جو اصل نالو احمد آهي،

جيڪو وقار خشڪ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، هي ذوالفقار خاصخيلي سان رابطي ۾ هو،

ڪجهه تفصيل بعد ۾ٻڌايا ويندا.

وڌيڪ پڙهو: