سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ متاثر بيمارين جي ور چڙهي ويا،
اڄ وڌيڪ 7 حياتيون ضايع، اڪري چودڳي ويجهو ڳوٺ پهلوان خاصخيلي واسي برسات متاثر نينگري بينظير خاصخيلي گيسٽرو گهي دم ڏئي ڇڏيو،
قمبر جي مين پرائمري اسڪول جي ڪئمپ ۾ ترسيل ٻارڙو عرفان ۽ ٺل ڀرسان ڳوٺ عبدالطيف جروار ۾ به ٻارڙي زاهده گولو مليريا سبب فوت،
ڪوٽڏيجي ۾ ٻارڙي نعيم پٺاڻ کان به مليريا حياتي کسي ورتي، شهدادڪوٽ جي گل محمد جروار ۾ ٻارڙي زينت بروهي گيسٽرو سبب دم ڏئي ڇڏيو،
پير ڳوٺ ڀرسان ڇٿي پور ۾ نينگري مليريا سان جهيڙيندي حياتي وڃائي ويٺي،
جوهي جي ڳوٺ پير بخش لاشاري ۾ پيرسن ڪانڊيرو لاشاري مليريا وگهي فوت.