سنڌ

October 14, 2022 4:36 pm

وڏي وزير مراد علي شاهه سان چيني قونصل جنرل مسٽر لي بجيان ملاقات

چيني قونصل جنرل صوبائي فلڊ فنڊ لاءِ 5 لک ڊالرز ۽ ڪراچي جي تعمير لاءِ هڪ لک ڊالرز جو چيڪ وڏي وزير حوالي ڪري ڇڏيو،

وڏي وزير مراد علي شاهه سان چيني قونصل جنرل مسٽر لي بجيان ملاقات ڪري ٻوڏ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، وڏي وزير چيو ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪري رهيا آهيون،

ماڻهو هاڻ گهرن ڏانهن واپس وڃڻ شروع ٿي چڪا آهن، گهرن جي تعمير جو ڪم شروع ڪريون پيا،

عالمي بينڪ  جو گهر ٺاهڻ جو منصوبو 550 ملين ڊالر سان شروع ٿيندو، چيني قونصل جنرل چيو ته چائنيز حڪومت به سروي ڪري ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪجهه گهر ٺاهي ڏيندي،

وڏي وزير چيو ته چين يا ڪو ٻيو دوست ملڪ اچي هڪ ڳوٺ ٺاهڻ ۾ گهر ٺهرائي ڏئي ته ڪم آسان ٿيندو.

وڌيڪ پڙهو: