وفاقي سرڪار بجليءَ جي بريڪ ڊائون جي جاچ جو اعلان ڪندي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، چئن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت،
رات تائين سموري ملڪ ۾ بجلي بحال ڪرڻ جو به آسرو، توانائي جي وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته ڄامشورو ۽ ڪراچي ۾ هڪ ئي وقت بجليءَ بند ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، جاچ ڪرائي ويندي،
500 ڪي وي لائين ۾ فني خرابي سبب بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو،
8 هزار ميگاواٽ مان 5 هزار ميگاواٽ بجلي واپس سسٽم ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون،
ڪوشش آهي ته سمورن شهرن جي بجلي بحال ڪري وٺون،
بريڪ ڊائون کان ملڪ جو اتريون حصو محفوظ آهي، سيپڪو کي جزوي طور بحال ڪيو ويو.