اهم خبرون

پاڪستان

October 13, 2022 2:57 pm

نيشنل گرڊ ۾ فني خرابي سبب ڪراچي سميت سموري ملڪ کي بجليءَ جـِي فراهمي بند

نيشنل گرڊ ۾ فني خرابي سبب ڪراچي سميت سموري ملڪ کي بجليءَ جـِي فراهمي بند،

حبڪو ڄامشورو ٽرانسميشن لائن جـِي ٽرپنگ سبب ڪي اليڪٽرڪ جا سمورا بجليءَ گهر بند ٿي ويا،

ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب واپڊا مان ڪراچي کي بجليءَ جي فراهمي بند ٿيڻ سبب سموري شهر جي بجلي بند ٿي وئي،

گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 600 ميگاواٽ جي سوئچ يارڊ ۾ به فني خرابي، گڊو ٿرمل پاور هائوس جا بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿي ويا، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي،

انتظاميا موجب گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 16 يونٽن مان رڳو 6 هلي رهيا هئا، جن مان 832 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي هئي،

فني خرابي سبب بجليءَ جي پيداوار زيرو ٿي وئي،

توانائي واري وزارت موجب مختلف هنڌن تي ٽرپنگ سبب بجليءَ جو بريڪ ڊائون ٿيو،

بحالي جون ڪوششون جاري آهن،

اين ٽي ڊي سي موجب ڪينپ نيو ڪليئر پاور پلانٽ جي بجلي به سسٽم مان نڪري وئي.

وڌيڪ پڙهو: