اهم خبرون

پاڪستان

October 12, 2022 3:16 pm

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ،

لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ آڏو ليگي اڳواڻن جي وڪيل امجد پرويز موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي بدنيتي تي ٻڌل ڪيس ٺاهيو، شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اڪائونٽ ۾ ڪا به رقم ناهي آئي،

قانون موجب پراسيڪيوشن کي ڪيس ثابت ڪرڻو آهي پر هيل تائين رشوت جي الزام جو ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو،

ايف آءِ اي جي وڪيل فاروق باجوا دليل ڏيندي چيو ته جوابدار مسرور انور شهباز شريف جي اڪائونٽ کي آپريٽ ڪندو رهيو آهي،

وڪيل امجد پرويز چيو ته مسرور انور ڪڏهن به شهباز شريف جو اڪائونٽ ناهي هلايو.

وڌيڪ پڙهو: