سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ متاثرن کي وبائي بيمارين وڪوڙي ورتو، گيسٽرو، مليريا ۽ ڊينگي سبب اڄ وڌيڪ 6 حياتيون ضايع، تنگواڻي جو نوجوان لياقت علي ملڪ تيز بخار سبب فوت،
جوهي جي ڳوٺ ڊرگهه بالا ۾ ٻارڙي مزمل لغاري مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو،
دڙو ڀرسان ڳوٺاڻي اسلم سومرو ۽ پڪا چانگ ويجهو ڳوٺ مشگور بالادي ۾ نوجوان مشهد رضا بالادي کان ڊينگي حياتي کسي ورتي،
قمبر ويجهو پورهيت حب علي چانڊيو۽ ٺاروشاهه ڀرسان نينگري سنڌو ملاح مليريا وگهي فوت.