بين الاقوامي

دنيا

October 12, 2022 1:28 pm

پاڪستاني حصيدارن سان اسان جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن:نيڊ پرائس

آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ سويلين حڪومت آهي،

جيڪا جمهوري طريقي سان چونڊجي آئي ۽ اها ئي ڳالهين لاءِ بنيادي ڌر آهي،

آمريڪي پرڏيهي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته پاڪستاني حصيدارن سان اسان جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن،

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي آمريڪي دوري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نيڊ پرائس چيو ته جنرل باجوه سان ملاقات جو موقعو مليو،

اسين پاڪستان سان پنهنجي پراڻي سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا،

پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقاتن دوران افغانستان جو مستقبل،

افغان عوام ۽ سلامتي جا چئلينج هميشه ايجنڊا تي هوندا آهن.

وڌيڪ پڙهو: