پاڪستان

October 12, 2022 1:20 pm

وزيراعظم شهباز شريف ايشيا ۾ اعتمادي سازي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قازقستان روانو

وزيراعظم شهباز شريف ايشيا ۾ اعتمادي سازي جي قدمن جي حوالي سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قازقستان روانو ٿي ويو،

علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان ڪندو، قازقستان جي شهر آستانه ۾ ايشيا ۾ اعتمادي سازي جي حوالي سان 6 ملڪي سربراهي ڪانفرنس ٿيندي،

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، وزيراعظم ان حوالي سان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب ٿيل نقصانن مضبوط ڪوششن جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو آهي،

دنيا توانائي ۽ خوراڪ جي قيمتن جي اضافي سبب بحران کي منهن ڏئي رهي آهي،

علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندس.

وڌيڪ پڙهو: