پاڪستان

October 12, 2022 1:09 pm

وزيراعظم شهباز شريف ۽ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف ۽ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ گذريل رات ٿيل ملاقات جـِي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي،

ذريعن موجب چوڌري شجاعت حسين وزيراعظم کي آرمي چيف جي مقرري تي مشورو ڏنو ته هي حساس ۽ قومي ذميواريءَ جو معاملو آهي،

ڪنهن تي ڌيان ڏيڻ بدران آئين ۽ قانون تي عمل ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف چوڌري شجاعت حسين کي خاطري ڪرائي ته بلڪل ائين ٿيندو،

صحت بابت پڇڻ تي چوڌري شجاعت حسين وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان مهانگائي گهٽائي ڇڏيو، مان پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندس،

شهباز شريف جواب ڏنو ته اسحاق ڊار اچي ويو آهي، رپئي جو ملهه بهتر ٿئي پيو،مهانگائي گهٽجي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: