پاڪستان

October 11, 2022 6:44 pm

پاڪ فوج ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر سميت 12 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي

پاڪ فوج ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر سميت 12 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب  ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار، ميجر جنرل انعام حيدر ملڪ، ميجر جنرل فياض حسين شاهه، ميجر جنرل نعمان ذڪريا، ميجر جنرل محمد ظفر اقبال کي ليفٽيننٽ جنرلز جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ترقيون ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل ايمن بلال صفدر، ميجر جنرل احسن گلريز، ميجر جنرل سيد عامر رضا، ميجر جنرل شاهد امتياز، ميجر جنرل شاهد امتياز شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب ميجر جنرل محمد منير افسر، ميجر جنرل يوسف جمال  ۽ ميجر جنرل ڪاشف نذير  به ليفٽيننٽ جرنلز جي عهدن تي ترقيون ماڻيندڙن ۾ شامل آهن.

وڌيڪ پڙهو: