سنڌ

October 11, 2022 6:08 pm

سنڌ ڪابينا صوبي ۾ پکين جي شڪار تي هڪ سال لاءِ پابندي لڳائي ڇڏي

سنڌ ڪابينا صوبي ۾ پکين جي شڪار تي هڪ سال لاءِ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابيناجي اجلاس ۾ سنڌ ۾ پکين جي شڪار تي هڪ سال لاءِ پابندي جي منظوري ڏني وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پکي معصوم هوندا آهن، ٻوڏ دوران به ڪيترائي پکي مري ويا آهن.

اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، خاص مددگارن ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ڪابينا کي آگاهي ڏيندي صحت واري سيڪريٽري ذوالفقار شاهه چيو ته وفاقي حڪومت اين آءِ سي وي ڊي، اين سي ايڇ ڊي ۽ جي پي ايم سي اسپتال لاءِ 25 سالن جي ليز جو ايگريمينٽ ڪري رهي آهي جنهن بعد لاڳاپيل اسپتالن جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت وٽ هوندو.

سنڌ ڪابينا  بچت پاليسي جي منظوري ڏيندي موجودو بجٽ مان ڪابه گاڏي خريد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: