پاڪستان

October 11, 2022 5:45 pm

مسئلن سبب ڪيبل آپريٽرز جو ڪاروبار تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي:سيد غفران مجتبيٰ نقوي

پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ، سمورا مسئلا حل ڪري ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان رجسٽرڊ جي جنرل سيڪريٽري سيد غفران مجتبيٰ نقوي، پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڪيبل آپريٽرز جي مسئلن کان آگاهه ڪيو.

سيد غفران مجتبيٰ نقوي چيو ته مسئلن سبب ڪيبل آپريٽرز جو ڪاروبار تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي، جنهن ڳالهه تي پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ به اتفاق ڪيو.

پيمرا چيئرمين خاطري ڪرائي ته تمام جلد ڪيبل آپريٽرز جا مسئلا حل ڪيا ويندا ته جيئن ڪيبل ٻيهر مضبوط ٿي سگهي.

وڌيڪ پڙهو: